SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


روشن خيالي يا جاڳرتا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


روشن خيالي يا جاڳرتا

Enlightenment

انلائيٽنمينٽ

مغربي يورپ ۾ 18 صديءَ جو هڪ علمي ۽ فڪري دور، جنهن ۾ ڪيترن ئي ليکڪن ۽ سائنسدانن، جديد سائنس جي اوسر ۽ مذهبي ڏاڍ خلاف جدوجهد جي اثر هيٺ، ان سوچ جو پرچار ڪيو، ته مذهب ۽ روايت کان عقل ۽ سائنس وڌيڪ اهم آهن. ان سوچ جي مفڪرن جو خيال هو، ته انساني زندگيءَ ۾ ڪارائتي تبديلي صرف ان وقت اچي سگهي ٿي، جڏهن انڌي اعتقاد بدران شعور ۽ فهم جو استعمال ڪيو ويندو. هيءَ سوچ سماج جي مُختلف معاملن ۽ پهلوئن کي مذهبي، روايتي ۽ اعتقادي طريقي سان پرکڻ جي سخت خلاف هئي. اسپينوزا، امينوئيل ڪانٽ، جرمي بينٿم، جان لاڪ، روسو، والٽيئر، ڊيوڊ هيوم وغيره ان سوچ جا وڏا پرچارڪ هئا. اِن سوچ جي نتيجي ۾ دُنيا ۾ صنعتي ۽ سياسي انقلاب آيا ۽ هر قسم جي ٻانهپ خلاف جدوجهدون شروع ٿيون. ڪن عالمن جو خيال آهي، ته روشن خياليءَ جي ابتدا يورپ ۾ ڪليسا جي هڪ هزار سالن کان رياستي معاملن ۾ برتريءَ جي خاتمي سان ٿي. پندرهن صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ سورهين صدي عيسويءَ جي مُنڍ ۾ ’مارٽن لوٿر‘ جي پروٽيسٽنٽ تحريڪ جي شروعات ۾ ڇپائيءَ جي مشين جي ايجاد ۽ جديد وسيٽفليائي (Westphelian)رياستي سرشتي سان فڪر جي دُنيا ۾ جيڪو انقلاب آيو ، تنهن صنعتي، سياسي ۽ معاشي انقلابن جا در کولي ڇڏيا. فرانس جي ’رين ڊيڪارٽ‘ جي شڪ پسنديءَ واري نظريي سان هڪ طرف علم ۽ دليل جو دور شروع ٿيو ته ٻئي طرف سائنسي ايجادن جي دري کُلي پئي، جنهن دُنيا لاءِ صنعتي انقلاب کان وٺي برطانيائي فرانسيسي انقلاب جهڙا عظيم الشان تُحفا فراهم ڪيا. ڏاهن جو چوڻ آهي ته فرانسيسي انقلاب ان کان پوءِ ۽ ايندڙ سڀني انقلابن جو نقيب ۽ روشن خياليءَ جي تحريڪ جو معراج آهي. روشن خياليءَ يا جاڳرتا واري هن سوچ رياستي اقتدار ۾ عوام جي راءِ کي اهم ترين ڄاڻائڻ سان گڏ، سماج ۾ آجپي، سهپ، رواداري، مساوات، انصاف۽ ترقيءَ جي جاکوڙن لاءِ احترام پيدا ڪيو ۽ دُنيا مان ڏاڍ، ٻانهپ، جبر، ناانصافي ۽ هڪ هٽيءَ جي خاتمي ۾ مدد ڪئي. عالمي لاڳاپن ۾ چئن صدين کان شروع ٿيل جديد رياستي سرشتي ذريعي نه رڳو مُلڪن جون سرحدون واضح ٿيون، پر اقتدار اعليٰ تي قومن جي تسليمي پڻ عمل ۾ آئي. جنهن اڳتي هلي مُختلف حُڪومتي سرشتن ۽ سياسي نظامن کي جنم ڏنو. انساني تاريخ ۾ جيڪا آزادي ۽ هڪجهڙائي اڄ اسان کي نصيب آهي، اُن جو پاڙون دُنيا ۾ گهڻ رُخي جاڳرتا ۽ روشن خياليءَ واري دور جو نتيجو آهي.


Remember Me Also:

ڏهاڙو

ذ. [سن. دِو = چمڪڻ + ”ڙو“ اسمَ تصغير جي علامت. دِوَس = ڏينهن] ڏينهن ۽ رات جو عرصو ، هڪ ڏينهن يوم ، زور ، وار ، تِٿِ. زمانو ، سَمون ، وقت. اولياءَ جي ختمي جو ڏينهن.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal